پلوٽو ديوتا

پلوٽو (ديوتا): يوناني ديومالا جو هڪ ديوتا، جنهن جي بادشاهي ”عالمِ اسفل“ (زمين ۽ پاتال) تي هئي. اونس ۽ ريحا جو پٽ ۽ پوسيدن ۽ زيئس جو ڀاءُ هو. عالمِ سماوي (آسمان ۽ آسمان کان مٿي) جي بادشاهيءَ جي لاءِ پنهنجي ڀائرن سان وڙهيو، پر ڪامياب نه ٿيو ۽ عالمِ اسفل جي بادشاهيءَ تي راضي ٿيو، جتي پنهنجي ملڪه پرسيفون سان گڏ حڪمراني ڪندو رهيو. طبيعت ۾ نهايت سخت پر عدل پسند ديوتا هو. ڳجهن خزانن جو مالڪ هو. هن جي سخت طبيعت ۾ فقط موسيقي ئي تبديلي آڻيندي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو